گڏيل قومن کي ايران جي عراق ۽ شام تي حملن تي ڳڻتي، پاڪستان وسري ويو

ترڪي جي خابرو اداري چيو آهي ته گڏيل ايران پاران عراق ۽ شام ۾ دهشتگردن جي ٿاڪن تي حملي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي.
گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ چيو آهي ته اسان سڀني ملڪن کان صبر ۽ حوصلي کان ڪم وٺڻ جي اپيل ڪريون ٿا ڇو جو خطي ۾ اڳ کان ئي بدامني آهي.
اداري دهشتگردي جي مسئلن کي گڏيل ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڏنو ته جيئن پاڙيسري ملڪن وچ ۾ لاڳاپن ۽ هڪ ٻئي جي سلامتي جو احتراف ڪري سگھجي.
ان کان اڳ گڏيل قومن ۾ ايران جي نمائندي اداري جي سربراهه کي هڪ خط ۾ اطلاع ڏنو هو ته ايران گڏيل قومن ۽ عالمي قانونن تحت پنهنجي سلامتي ۽ خودمختياري جو دفاع ڪندي شام ۽ عراق ۾ موجود دهشتگردن جي مرڪزن تي حملو ڪيو آهي.
ايراني نمائندي جو چوڻ هو ته حملا ڪرمان ۾ سوين ايرانين تي دهشتگردن جي آپگهاتي حملن جي جواب ۾ ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.