ردعمل جي ڪا حد ناهي، جواب سخت هوندو: ايراني بچاءَ وارو وزير

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي بچاءَ واري وزير جنرل محمد رضا اشتياني چيو آهي ته تهران سڀني ملڪن جي علائقائي سلامتي جو احترام ڪري ٿو، ملڪ جي قومي مفادن جي دفاع ۾ ڪا پابندي ناهي.
ڪابينا اجلاس جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي جنرل محمد رضا اشتياني چيو ته اسان سڄي دنيا ۾ دهشتگردي جي مذمت ڪيون ٿا ۽ ان خلاف ردعمل جي ڪا حد مقرر ناهيون ڪندا.
هن چيو ته ايران سڀني ملڪن، خاص طور پاڙيسرين جي حقن، مفادن ۽ علائقائي سلامتي جو احترام ڪري ٿو پر پنهنجي سرحدن ۾ ڪنهن قسم جي شرارت کي قبول نه ڪندو.
سندس چوڻ هو اسان کي ڪو فرق نٿو پئي ته ڪير ڌمڪيون ٿو ڏئي، اسان ردعمل ضرور ڏينداسين ۽ اهو مناسب، سخت ۽ فيصلائتو هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.