بلاول وزيراعظم بڻجي ويو ته پهرين ايجنڊا عوام جي خدمت هوندي: آصفه ڀٽو زرداري

ٽنڊو الهيار (ويب ڊيسڪ) آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته بلاول ڀٽو وزيراعظم بڻجي ويو ته پهرين ايجنڊا عوام جي خدمت هوندي.
رضوي هائوس ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي آصفه ڀٽو زرداري چيو توهان کي خبر آهي ته شهيد بينظير ڀٽو عورتن جي حقن لاءِ وڙهي هئي پر اسان کان هوءَ کسي وئي، آصف زرداري بي آءِ ايس پي ڪارڊ سان عورتن کي حق ڏياريو، مون کي ياد آهي ته بي آءِ ايس پي تحت ڪيترين ئي عورتن ٻارن کي پڙهايو ۽ هاڻ اهي خود مختيار آهن.
هن چيو ته ٻيون جماعتون عوام کي غريب ڪري رهيون آهن پر پ پ عوام جي خدمت ڪئي آهي، بلاول ڀٽو زرداري اڪيلو سياستدان آهي، جيڪو عوام جي حقن جي جنگ وڙهي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته 8 فيبروري تي تير تي ٺپو هڻي بلاول ڀٽو کي موقعو ڏيو ته جيئن هو توهان جي حقن لاءِ وڙهي سگهي، 8 فيبروري تي رڳو تير کي ووٽ ڏيو، فتح عوام جي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.