بلاول کي کٽرائي وزيراعظم بڻائينداسين: آصف زرداري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان بلاول کي کٽرائي وزيراعظم بڻائينداسين.
لاهور ۾ جلسو ڪندي آصف علي زرداري چيو ته اسان پ پ ڪارڪنن جي خواهشن موجب هلندا آهيون، 40 ورهين کان سياست ڪري رهيا آهيون، دوستو! اسان جو سفر ڊگهو آهي، تاريخ ۾ لکيو ويندو ته عوام سدائين پ پ کي پيار ڏنو آهي.
هن چيو ورڪرن کي يقين آهي ته مان وڙهندس، جهڪندس نه، بلاول کي کٽرائڻو ۽ وزيراعظم بڻائڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.