گڏيل عرب امارتن جي ايئرلائين پاران 5 هزار نئين ملازمتن جو اعلان

ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي ايئر لائن ايمريٽس ڪيبن ڪرو ۽ ٻين لاڳاپيل عهدن تي 5,000 نئين ڀرتين جو اعلان ڪيو آهي.

اهو اعلان ايمريٽس پاران هلندڙ سال دوران عالمي سطح تي ڀرتين جو حصو آهي.

اهي ملازمتون هوائي ميزباني کانسواءِ هوا بازي جي ٻين شعبن بابت به آهن.

ايمريٽس پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو آهي ته A350 جهازن جي تين کيپ خريد ڪئي پئي وڃي. ان جي نتيجي ۾ نيون ڀرتيون به ڪيون وينديون. فلائيٽ اٽينڊنٽ ۽ ٻين ملازمتن لاءِ ڪو به درخواست ڏئي سگھي ٿو. ان حوالي سان اهليت جي معيار جو به اعلان ڪيو ويو آهي.

انگريزي ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائڻ جي صلاحيت پُرڪشش اضافي قابليت آهي. ملازمت جا خواهشمند ماڻهن لاءِ ٽيم ورڪ جي حوالي سان ذهن تيار ڪرڻ لازمي هوندو.

ڀرتي جي خواهشمندن کي گڏيل عرب امارتن جي ورڪ ويزا جي اهليت جي معيار تي به پورو لهڻو پوندو.

ايمريٽس ٻڌايو ته هلندڙ سال دوران ان 460 هنڌن تي سندن ٽيمون اميدوارن جي قابليت جي جاچ ڪنديون ۽ انٽرويوز ڪنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.