”فهميدا مرزا تي ڪو ذاتي قرض ناهي“ ڌريون سڀاڻي طلب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ٽربيونل ۾ عورتن جي مخصوص سيٽ تي اڳوڻي وفاقي وزير فهميده مرزا جي نامزدگي ڪاغذن خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي.

اليڪشن ٽربيونل جي جج جسٽس ارشد حسين ڌرين کان 18 جنوري تي جواب طلب ڪري ورتو.

فهميده مرزا جي اپيل تي سڀاڻي ٻڌڻي ٿيندي.

جي ڊي اي طرفان عورتن جي مخصوص سيٽ تي فهميده مرزا ڪاغذ جمع ڪرايا هئا. اليڪشن ڪميشن پاران فهميده مرزا جا ڪاغذ رد ڪيا ويا هئا.

اليڪشن ڪميشن بئنڪ قرض واپس نه ڪرڻ تي فهميده مرزا جا ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا.

اعتراض ڪندڙ وڪيل چيو ته مرزا شگر مل جي نالي تي قرض ورتو ويو، جيڪو واپس نه ڪيو ويو.

فهميدا مرزا جي وڪيل چيو ته فهميده مرزا ذاتي طور تي ڪو به قرض ناهي ورتو ڪمپني جي نالي تي قرض ورتو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.