پاڪستان ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن ۾ اهم رابطو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بلوچستان حملي کانپوءِ ايران ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزيرن ۾ اهم رابطو ٿيو آهي.
پاڪستان ۽ ايران جي پرڏيهين وزيرن گفتگو دوران گڏيل لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو.
گفتگو دوران ايراني پرڏيهي وزير چيو ته جيش العدل هڪ ايراني دهشتگرد تنظيم آهي، جيڪا ٻنهي ملڪن جي سيڪيورٽي لاءِ خطري جو سبب آهي.
هن چيو ته ان دهشتگرد تنظيم پاڪستاني سرحد جي اندران ڪيترائي ڀيرا ايران خلاف دهشتگرد قدم کنيا ۽ دهشتگرد حملن جي ذميواري به قبول ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته ايراني حملن ۾ ڪنهن پاڪستاني شهري کي نشانو نه بڻايو ويو پر هدف ايراني دهشتگرد تنظيم جا ميمبر هئا.
ايراني پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطا ۽ ڳالهيون ٿينديون رهنديون آهن، جنهن ۾ سلامتي ۽ سيڪيورٽي سميت گڏيل لاڳاپن ۽ سهڪار تي زور ڏنو ويندو آهي.
ان موقعي تي پاڪستاني پرڏيهي وزير چيو ته دهشتگردي ٻنهي ملڪن جو گڏيل مسئلو آهي، ايران جي سلامتي پاڪستان جي سلامتي آهي، جيڪڏهن پاڪستان مان ايران لاءِ ڪو خطرو محسوس ٿيو ته پاڪستان حڪومت ان خلاف ڪارروائي ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته ايران دهشتگرد تنظيمن بابت ڄاڻ پاڪستان حوالي ڪري ته جيئن پاڪستان ڪارروائي ڪري سگهي، اميد آهي ته دهشتگرد گروهن خلاف ڪارروائي لاءِ پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.