پاڪستان دوست ملڪ آهي، ايراني دهشتگرد تنظيم کي هدف بڻايو ويو: ايراني پرڏيهي وزير

ايراني پرڏيهي وزير امير عبداللهيان چيو آهي ته پاڪستان سان دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ايراني دهشتگرد تنظيم کي هدف بڻايو آهي.
ڊيوس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اجلاس دوران ڳالهائيندي ايراني پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي ڪنهن شهري کي نشانو ناهي بڻايو پر حملن جو هدف دهشتگرد تنظيم جيش العدل هئي، جيڪا ايراني دهشتگرد تنظيم آهي ۽ پاڪستان ۽ ايران جي سرحدي علائقن ۾ تخريبڪاري ۾ ملوث آهي.
هن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا پاڪستاني اختيارين سان واقعن بابت گفتگو ڪئي آهي، جن ۾ ايراني سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا آهن، اسان پاڪستاني سرزمين تي ايراني دهشتگردن کي نشانو بڻايو آهي.
سندس چوڻ هو ته ايران پاڪستان جي خود مختياري ۽ سلامتي جو احترام ڪري ٿو، دهشتگرد گروهه ڪٿي به هجي، ان لاءِ ڪنهن به قسم جي رعايت ناهي، اسان جا قدم ايران، پاڪستان ۽ عراق جي سلامتي جي مفاد ۾ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.