پاڪستان کي خبردار ڪيو هو، ردعمل فطري هو: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي پارلياماني معاملن بابت نائب صدر سيد محمد حسيني چيو آهي ته پاڪستان کي خبردار ڪيو هو اهڙن ماڻهن کي ايران اچڻ کان روڪي جيڪي هتي وڏي انگ ۾ اڻهن کي ماري ڇڏين ٿا.
گذريل ڏينهن ايراني سيڪيورٽي فورسز پاران پاڪستان جي هوائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪندي بلوچستان ۾ ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا ويا هئا.
ايراني سرڪاري ٽي وي جي خبر ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ايران سيڪيورٽي فورسز پاران پاڪستان جي صوبي بلوچستان ۾ جيش العدل نالي تنظيم جي ٻن ٿاڪن تي ميزائيل ۽ ڊرون حملا ڪيا ويا.
پاڪستان جي پرڏيهي وزارت موجب ايراني حملي جي نتيجي ۾ 2 معصوم بار مارجي ۽ ٽي ٻارڙيون زخمي ٿيون هيون.
پاڪستان جواب ۾ ايران مان پنهنجي سفير کي واپس گھرائڻ ۽ ايراني سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
سيد محمد حسيني چيو ته پاڪستان کي خبردار ڪيو هو ته اهڙن ماڻهن کي ايران اچڻ کان روڪي جيڪي هتي وڏي انگ ۾ ماڻهن کي ماري ڇڏين ٿا، ايران پاران اهڙو ردعمل اچڻ فطري هو.
ايران جي بچاءَ واري وزير محمد رضا اشتياني جو چوڻ هو ته ايران پنهنجي سلامتي لاءِ ڪا به حد مقرر نه ڪندو.
هن چيو ته اسان دنيا ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي مذمت ڪريون ٿا ۽ ڪنهن به قسم جي قدم تي ردعمل جو حق رکون ٿا جيڪو اسان جي ماڻهن جي حقن جي پاماليءَ جو سبب بڻجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.