”شينهن ٻين جي آسري ٻلي بڻجي گهر ويهي رهيو، عوام جو حق اسلام آباد کان کسيندس“

سانگهڙ (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شينهن ٻلي بڻجي گهر ۾ لڪي ويو، هو ڪنهن ٻئي کان چونڊون کٽرائڻ جي اميد لڳائي ويٺو آهي.
سانگهڙ ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊون 8 فيبروري تي آهن پر سانگهڙ جي عوام اڄ ئي فيصلو ڏئي ڇڏيو، شينهن ۽ تير جي وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي.
هن چيو ته چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ جي ڪوشش ڪندڙ وٽ منشور ئي ناهي، مان هيڏانهن هوڏانهن ناهيان ڏسندو، عوام تي يقين ڪندو آهيان، هڪ شينهن هارين جو رت چوسيندو آهي، ٻيون جماعتون اميرن جي نمائندگي ڪنديون آهن پر پ پ عوام جي نمائندگي ڪندي آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان کي کٽرايو، سنڌ جو چهرو تبديل ڪري ڇڏينداسين، پهريون واعدو آهي ته عوام جي آمدني ٻيڻي ڪنداسين، واعدو آهي ته 300 يونٽ بجلي سولر ذريعي مفت ڏيندس، هارين کي فصلن جي انشورنس ڏيارينداسين، 17 وزارتون بند ڪري ساليانو 300 ارب رپيا بچائي عوام تي لڳائينداسين.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ن ليگ ۽ جي ڊي اي 18هين ترميم تي ڌاڙو هڻڻ چاهين ٿيون، عوام جو حق اسلام آباد کان کسيندس، اسلام آباد ۾ وقت گذاريو آهي، ڄاڻان ٿو ته پئسو آهي پر عوام تي خرچ نه پيو ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.