حيدرآباد (ويب ديسڪ) حيدرآباد ۾ ميمڻ اسپتال ويجهو هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.
مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ راحيل ميمڻ طور ٿي.
پوليس جو چوڻ هو ته معاملو ذاتي دشمني جو لڳي ررهيو آهي جڏهن ته جاچ ڪئي پئي وڃي.
ٻئي پاسي ٻڌايو پيو وڃي ته ان کان اڳ مقتول راحيل ميمڻ ۽ راشد ملاح وچ ۾ تڪرار هلندڙ هو ۽ اهو تڪرار پيٽرول پمپ جي ڀت ڪرڻ بعد شروع ٿيو هو.