ستن سيڪنڊن ۾ موبائيل جارچ ڪندڙ ڊوائيس تيار

لاس ويگس (ويب ڊيسڪ) ٽيڪنالاجي ڪمپني سويپري هڪ اهڙي ٽيڪنالاجي بڻائي آهي جنهن کي استعمال ڪندي موبائيل فون کي ستن سيڪنڊن جي اندر مڪمل طور تي چارج ڪري سگھبو.
سويپري نالي ان ڊوائيس ۾ گھٽ وزن ڪيتريون ئي گھٽ وزن واريون بيٽريون آهن جيڪي فون جي پٺيان مقناطيسي هولڊر جي مدد سان فون سان سلهاڙجي وڃي ٿي هيٺين پاسي پورٽ سان سلهاڙجي وڃي ٿي.
هر بيٽري پيڪ جو وزن اندازن ٻه ڊبل اي سائز بيٽرين جي برابر هوندو آهي ۽ اهو سمورن سمارٽ فونز سان هڪجهڙائي رکن ٿا.
ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ واهپيدار پنهنجي فون سويپري ڊوائيس ۾ رکندا آهن جيڪا پاڻمرادو استعمال ٿيل بيٽري کي هٽائي مڪمل چارج بيٽري سان تبديل ڪري ڇڏي ٿي.
اها ڊوائيس هڪ ئي وقت پنج چارج ٿيل بيٽريون پنهنجي اندر رکي سگھي ٿي، جنهن جي حوالي سان ڊوائيس بڻائيندڙن جو چوڻ آهي ته اها هڪ خاندان جي استعمال لاءِ مثال شيءِ آهي.


سويپري کي تخليق ڪندڙ علي صالح موجب جديد سمارٽ فونز جون بيٽريون گھڻي تيزي سان ختم ٿينديون آهن ۽ انهن جي چارجنگ وسارڻ سولو آهي. ان دوائيس جي مدد سان واهپيدارن کي فون چارج ڪرڻ لاءِ يادگيري سان گڏ ڪيبلز جي استعمال جي ضرورت نه هوندي.
اها ڊوائيس 9 کان 12 جنوري 2024ع جي وچ ۾ آمريڪي شهر لاس ويگس ۾ رٿيل ڪنزيومر اليڪٽرڪ شو ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي ۽ ان جي وڪري جي شروعات هن سال جي ٻين ٽي ماهي کان ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.