اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري عمر حميد جي استعيفيٰ منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي سيڪريٽري عمر حميد جي استعيفيٰ منظور ڪئي وئي.
ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري عمر حميد جي استعيفيٰ منظور ڪئي وئي آهي، هن صحت جي خرابي سبب پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي.
واضح رهي ته گذريل هفتي اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري جي استعيفيٰ جون خبرون سامهون آيون هيون، جنهن تي اليڪشن ڪميشن ترجمان وضاحت ڪئي هئي ته عمر حميد ڪورونا سبب موڪل تي آهي، سندس طبعيت ڪجهه ڏينهن کان خراب هئي ۽ هن وقت ميڊيڪل ريسٽ تي آهي، جيئن ئي صحتياب ٿيو ته پنهنجا فرض انجام ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.