بنگلاديشي ڪرڪيٽر ناصر حسين تي ٻه سال پابندي لاڳو

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) بنگلاديشي ڪرڪيٽر ناصر حسين تي ٻه سال پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
ناصر حسين تي پابندي ايميريٽس ڪرڪيٽ بورڊ جي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي تي لاڳو ڪئي وئي آهي.
آءِ سي سي موجب ناصر حسين تي ٻن سالن جي پابندي سان گڏ 6 مهينن جي معطلي جي سزا به شامل آهي.
آءِ سي سي چيو آهي ته ناصر حسين ڪوڊ جي ٽن شقن جي ڀڃڪڙي تسليم ڪئي آهي.
آءِ سي سي موجب ناصر حسين معطلي جي سزا جي شرطن تي مطمئن ڪرڻ تي 7 اپريل 2025 کان ڪرڪيٽ جون سرگرميون شروع ڪري سگهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.