شديد برفباري سبب رن وي تي ٻه مسافر جهاز پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويا

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جپان جي نيو چٽوز هوائي اڏي تي ٻه مسافر جهاز رن تي پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويا جن مان هڪ جهاز ۾ 280 کان وڌيڪ ماڻهو موجود هئا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب جپان ۾ ٻن هفتن دوران ٻيون ڀيرو مسافر جهاز پاڻ جي ٽڪرائجي ويا. تازو واقعو شهر هوڪائيڊو ۾ نيو چٽوز هوائي اڏي تي پيش آيو.
ڪورين ايئر لائين جي جهاز ۾ 289 مسافر موجود هئا جيڪي رن وي تي بيٺل هانگ ڪانگ جي ايئرلائين ڪيٿي پئسفڪ سان ٽڪرائجي ويو جنهن ۾ ڪو به مسافر نه هو. ٽڪر کان پوءِ رن وي تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي.
سيڪيورٽي اختيارين حادثي جو شڪار جهازن جي چوڌاري علائقين کي گھيري ورتو جڏهن ته فائر برگيڊ ۽ ايويئيشن عملي امدادي ڪم شروع ڪري ڇڏيا.
هيل تائين حادثي ۾ ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جا اطلاع نه آهن، برفباري سبب نيو چٽوز ايئرپورٽ سوين اڏامون اڳ ئي ملتوي آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.