وزن گھٽائڻ لاءِ سرجري ڪرائيندڙ انفلوئينسر فوت

بوسٽن (ويب ڊيسڪ) وزن گھٽائڻ لاءِ سرجري ڪرائيندڙ 35 ورهين جي انفلوئينسر دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب 35 ورهين جي انفلوئينسر ميلا ڊي جينز جو واسطو برازيل سان هو ۽ هوءَ آمريڪي شهر بوسٽن ۾ رهندي هئي. انفلوئينسر جي مڙس سندس موت جي تصديق ڪئي آهي.
ميلا ڊي جينز کي 2017ع ۾ ان وقت شهرت ملي هئي جڏهن هن انسٽاگرام تي پوسٽ ۾ پنهنجي نئين ۽ پراڻي تصوير شيئر ڪئي هئي. پراڻي تصوير ۾ هوءَ ٿلهي جڏهن ته نئين ۾ سنهڙي نظر اچي رهي هئي.
انفلوئينسر جو چوڻ هو ته 6 سال اڳ ٿولهه ختم ڪرائڻ لاءِ سرجري ڪرائڻ جي فيصلي منهنجي زندگي تبديل ڪري ڇڏي. آئون 22 ورهين جي عمر ۾ ٿلهي ۽ 35 سالن ۾ سمارٽ نظر اچي رهي آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.