اسٽيبلشمنيٽ حقيقت آھي ته پارٽيون پاڻ ۾ ڇو نٿيون گڏجن

سحر بلوچ

پاڪستاني سياست ۽ سياستدان هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ، اڳي کان به وڌيڪ ورهائجي رھيا آھن.  سنه 2018ع جي عام چونڊن ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن مشڪل ۾ ھئي تھ 2024ع ۾ تحريڪ انصاف بھ ساڳي صورتحال ۾ ڦاٿل آهي ۽ پنهنجي ان ڏکي حالت جو الزام انهن ٻنهي جماعتن ’اسٽيبلشمينٽ‘ تي لڳايو آھي.ملڪ جي ٽين وڏي جماعت  پاڪستان پيپلزپارٽي کي ’اسٽيبلشمينٽ‘ کان شڪايت تھ پراڻي ڳالهه آهي.

عام ماڻهوءَ جي ذھن ۾ سوال اڀري ٿو، ته مسئلي جي پاڙ،سياسي جماعتن موجب ”هڪ ئي آھي تھ پوءِ اھي جماعتون  هڪ صفحي تي ڇو نٿيون اچن ؟گذريل سال نو مئي تي فوجي تنصيبات جي ڪاھ ۽  ڀڃ ڊاھ  جي واقعن بعد تحريڪ انصاف کان موڪلائيندڙ اڳوڻي وفاقي وزير اعظم اسد عمر جي راءِ ۾ ”پاڪستان پاور، ريئل پاور اسٽيبلشمينٽ آھي. ته سياستدانن کي گڏ ويھڻ گھرجي ۽ جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ سان به ڳالهه ٿئي تھ ڪا خرابي ناھي“

بي بي سي اسد عمر کان سوال ڪيو ھو تھ سياستدانن کي گڏ جي ويھن ۾ آخر ڪھڙو مسئلو آهي؟ڪنهن به ملڪ جي پارليامينٽ ۾ سياستدان عوام مسئلا جا حل ڪرڻ  جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ ائين ڪرڻ لاءِ سياسي پارٽين ۾ ڳالهين کي اهم سمجهيو ويندو آھي. پر ڪجھه سالن کان سياستدانن ۾ هڪ واضح وڇوٽي نظر اچي ٿي.جنھن مان تاثر ملي ٿو  ته اھي  ھڪ ٻئي سان ڳالھيون ڪرڻ کي اھميت نٿا ڏين.

مختلف سياسي پارٽيون آخر پاڻ ۾گڏ ڇو  نٿيون ويھڻ چاھين؟ ڇا ان جو وڏو سبب انھن جا مختلف مفاد آھن ؟ ۽ ڇا سياسي پارٽن کي خود کي ’ريليونٽ‘ رکڻ ۽ هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهھ  ڪرڻ لاءِ فوجي اسٽيبلشمينٽ جي ڪلھي جي ضرورت آهي؟ ٽن وڏين سياسي جماعتن جي اڳواڻن جي آڏو اھو سوال رکيوسين ته ڪھڙي شيءِ کين ان عمل کان روڪي ٿي؟ جيڪڏهن سڀ کان پهرين پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڳالهه ڪئي وڃي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ماضيءَ ۾ ڪيترن ئي موقعن تي اھو چئي چڪو آھي اھو ڪنھن  بھ سياسي پارٽيءَ سان ڳالهه ٻولهه نه ڪندو ڇاڪاڻ تھ ھوءَ ڪنهن کي بھ ”اين آر او“ (مبينه ڪرپشن ڪيسن ۾ ريليف) نٿو  ڏيڻ چاهي.

وري پاڻ پيپلز پارٽي۽ مسلم ليگي نواز کي گڏ ويھڻ  جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ”جڏهن سڀ ڪجهه طئھ ئي ملٽري اسٽيبلشمينٽ کي ڪرڻو آھي ته پوءِ سياستدانن سان ڇو ڳالهه ٻولهه ڪريان؟ اسد عمر ان سوال جي جواب ۾ چيو تھ ”سياست ايتري قدر ورھائجي چڪي آهي جو ھن وقت سياسي پارٽين  جي هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولھه ڪرڻ  کي به شڪ جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو. جيڪڏهن سياستدانن جي پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه بند آھي ته پوءِ ٻيو رستو اختيار ڪيو ويندو آھي ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ اڪثر اھو رستو اسٽيبلشمنيٽ جو رستو ھوندو آھي “ هن انٽرويو جي وقت اسد عمر پي ٽي آءِ جو ميمبر ھو. انٽرويو ڏيڻ جي ڪجھھ وقت بعد ھن پنھنجي پارٽي عھدي ۽ سياست تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي ھئي.مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير اعظم احسن اقبال چيو ته ” اسان ڪيترا  ڀيرا پي ٽي آءِ کي گڏ ويھڻ جي آڇ ڪئي.اپوزيشن ۾ ھوندي شهباز شريف پنهنجي پهرين تقرير ۾ پي ٽي آءِ ،کي گڏجي ڪري چارٽر آف اڪانومي بڻائڻ جي دعوت ڏني هئي.“ پر ان جو جواب اھو ملندو ھو تھ ”اپوزيشن اين آر او گھري رھي آھي ۽ نٿي چاهي تھ ان جي ڪرپشن جي تحقيق ڪئي وڃي.ان تي اسان چيوسين تھ توھان پنھنجو اين آر او، پاڻ وٽ رکو“

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي شازيه مري چئي ٿي ته ”سياست ۾ تقسيم جو ٻج تھ عرصي کان پوکيل آھي(فوجي آمر) جنرل ضياءَ جي دور جي هڪ ڪاري تاريخ آهي، پر ان تقسيم جھڙي طرح پاڙ مضبوط ڪئي آھي، سا ھڪ خطرناڪ صورتحال آھي.“ ھن الزام لڳايو تھ، اسان ڏٺو ته گذريل حڪومت (تحريڪ انصاف) جو ليڊر ورهاست ۽ انتشار کي ھٿي ڏيندو رھيو.نفرت جي ڳالهه ڪندو رهيو، جنهن سان تقسيم وڌيڪ وڌي “ ته ڇا سياسي جماعتن لاءِ  اھڙي صورتحال ۾ پاڻ کي لاڳاپيل رکڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ جي حمايت ضروري ٿي پوندي آهي؟

احسن اقبال دعويٰ ڪري ٿو ته ’ماضي ۾ اسٽيبلشمينٽ پڻ هائبرڊ سسٽم هلايو. ان باضابطه ڪوشش ڪئي تھ اها عمران خان سان گڏجي ڪري ملڪ کي هڪ خاص رخ ۾ هلائي ۽ عمران خان انھن جي شھ تي سڀني مخالفن کي جيلن ۾ وڌو“هن چيو ته اھو ”مخصوص تجربو بلڪل ناڪام ٿيو.سياستدان جيان اسٽيبلشمينٽ بھ تجربي مان سکي، ان لاءِ انھن عمران خان جي مٿان شفقت جو ھٿ  هٽائي ڇڏيو“

وري ڇا اھو هٿ بعد ۾، پي ڊي ايم جي مٿان رکيو ويو؟ احسن اقبال چيو ”بلڪل نھ، پي ڊي ايم سياسي حقيقت آهي، اھي جماعتون عوام ۾ پاڙون رکن ٿيون.“

پيپلزپارٽي جي شازيه مري جو چوڻ آھي  ته ’اسان بلڪل خوش نه هئاسين، جڏهن پي ٽي آءِ کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ٿي. حقيقت اها آهي ته اڄ به پيپلز پارٽي کي جتي بھ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پيو آھي، ان ڳالهه جي تصديق ڪرڻ ۾ ڪا اھڙي مداخلت سياسي سسٽم ۾ نھ ھجي، جنھن سان جمھوريت کي خطرو ھجي.تھ ان پنھنجي ساک کي خطري ۾ وجھندي احتجاج ڪيو آھي “ ھن جي دعويٰ آهي ته ”پيپلز پارٽيءَ کي نه ته ريليف جي نالي تي ’انصاف‘ مليو آھي نه ئي وري اھا لاڏلي جماعت آھي “

ان سوال تي ته، ڇا سياسي انتقام گڏ ويھڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي رھيو آھي، اسد عمر چيو ته ”مسلم ليگ نواز ۽ نواز ليگ جي سمورن پراڻن بيانن ۽ ھاڻوڪي طرز عمل کي ڏسو،انھن کي ھڪ موقعو نظر آيو تھ ،اسان جو سڀ کان وڏو حريف، عمران خان آھي، ان جا اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپا خراب پيا ٿين تھ، اھو بهترين موقعو آهي.“ ان ھوندي شازيه مري چوي ٿي  پيپلزپارٽي عمران خان جي گرفتاري تي ناخوش ھئي، اسان ڪنھن بھ سياسي مخالف جي گرفتاري تي خوش ناھيون.اسان رڳو اهو ٿا چئون تھ ملڪ ۾ اهڙو ماحول هجي جتي سياسي انتقام جو شڪار نه بڻايو وڃي. جتي انصاف جا مختلف تقاضا نه هجن. جيڪا سزا منهنجي لاءِ ھجي، سا ٻئي لاءِ به ھجي.يعني  سڀني سان ساڳيو سلوڪ ھجي قانون سڀني لاءِ هڪ ھجي“

احسن اقبال موجب ”9 مئي کانپوءِ عمران خان کي ان غير آئيني، غير جمهوري طرز عمل لاءِ جوابده ھئڻ گھرجي.ڇا جمهوري مفاهمت جي آڙ ۾ عمران خان اين آر او تھ نھ پيو چاھي،تھ جئين ان کي 9 مئي جي مواخذي کان بچائي سگھجي؟ منهنجي خيال ۾ آمريڪا معافي نه ڏني آھي.انهن ماڻهن کي جن ڪيپيٽل هِل تي حملو ڪيو ھو”“

هن سڄي  منظر کي ڏسندي ضرورت پوڻ تي ڇا سياستدان مخالف جماعت سان مذاڪرات ڪرڻ چاھيندا ؟ شازيه مري جي راءِ آهي ته ” جيڪڏهن ڪنهن پارٽيءَ  اسان سان نظرياتي طور تي الڳ آھي تھ بھ پاڪستان جي فائدي لاءِ ان سان  گڏ ويھنداسين ۽ اڳتي جو معاشي، سياسي لائحه عمل ٺاهينداسين“

اسد عمر چئي ٿو ته ” 2023ع ۾ سپريم ڪورٽ جي چوڻ تي ان سلسلي ۾ هڪ ڪوشش ٿي جيڪا ناڪام ٿي وئي.“

احسن اقبال جو موقف ھو تھ ” جيڪڏهن ڪو حريف اهو سمجهي ته ان کي پاڻ ۾ تڪرار جي سياست تي ڳالهائڻو آهي ۽ رڳو انتشار پکيڙڻو آهي ته پوءِ  ان سان ڳالھ ڪرڻ مشڪل ٿي وڃي ٿي پر جيڪي جمھوري عمل تي يقين رکن ٿا، انهن  سان ڳالهيون ڪنداسين“

ماهرن موجب هن وقت ملڪ جي 64 سيڪڙو آبادي نوجوان جي آهي ۽ اھي دعويٰ ڪن ٿا ته عام چونڊن ۾ به اها شيءِ اڀري  سامهون ايندي.اڳوڻي سينيٽر افراسياب خٽڪ چيو آهي ته ”سياستدان جيڪڏهن توهان جي نمائندگيءَ نھ ڪندا ۽ پاڻ ۾ وڙھندا  رھندا تھ نوجوانن معاملا پنھنجي ھٿن ۾ کڻندا“.ھن چيو تھ گذريل ڪجھه سالن ۾پاڪستان ۾ ڪيترن ئي سماجي تحريڪن جنم ورتو آھي.  جنهن ۾ پشتون تحفظ موومينٽ ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي وغيره شامل آهن. ’ھن وقت فضا پڻ سماجي تحريڪن جي آھي. اهي تحريڪون انھن سياستدانن کي پوئتي ڇڏي ڏينديون ۽ اڳتي سياست انھن ماڻھن جي ھوندي، جيڪي ستايل ماڻھون آهن.“

افراسياب خٽڪ چيو ته سياسي جماعتن جو ڪلچر گھڻو ڪري سرداري ۽ قبائلي طرز جو آھي، جنهن جي شروعات مسلم ليگ کان ٿي ھئي.اسان وٽ هڪ خانداني سياست جو بھ نظام رهيو آھي. پر اُهو نظام ماڻهو ھاڻي قبول نٿا ڪن. انھن جماعتن جو پنھنجوسياسي نظام ناهي، نتيجي ۾ ڪنهن به ٻاهرين جي لاءِ جاءِ پئدا ڪرڻ يا وري انهن جماعتن مان اڀري  سامهون اچڻ ممڪن ناهي. انھن جماعتن کي پنھنجو بنيادي نظام ٺيڪ ڪرڻو پوندو جيئن  سڀني جي شموليت ٿئي“جڏهن ان کان پڇيو ويو ته ڇا اسٽيبلشمينٽ اھڙين جماعتن کي اڳيان اچڻ ڏيندي جيڪي سماجي تحريڪن جي نتيجي ۾ جڙيون آهن،ھن جو جواب هو ته ’مشڪل  ته گھڻي ٿيندي پر ھاڻي ڪو ٻيو رستو نھ آھي.  تاريخ اھڙن سڀني ماڻهن کي بي معنيٰ قرار ڏنو آهي جيڪي عوامي تحريڪ جي خلاف رھيا آهن.

(بي بي سي جي ٿورن سان)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.