سنڌ جي چيف سيڪريٽري پينشن فنڊ ۾ ڪرپشن جو اعتراف ڪري ورتو

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيل اجلاس ۾ نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ نذير احمد سمورن سيڪريٽرين کي خطاب ڪندي  چيو ته هو آفيسرن کي يقين ڏيارڻ چاهي ٿو ته نيب توهان کي تنگ نه ڪندو، توهان پنهنجي حصي جو بھترين ڪم ڪندي ملڪ جي ترقي ۾مٿانھون ڪردار ادا ڪري رھيا آھيو. هن وڌيڪ چيو ته نيب ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون،  انڪوائري ۽ تصديق واري عمل دوران ڪنهن به آفيسر جو ميڊيا ٽرائل نه ڪيو ويندو ۽ جعلي يا اڻڄاتل نالن سان لکيل ڪنهن به درخواست کي هاڻي نيب ۾ قبول نه ڪيو ويندو، جڏھن تھ درخواست گذار درخواست جمع ڪرائڻ وقت ان سان گڏ قسم نامو پڻ پيش ڪندو. هن چيو ته کيس خبر آهي ته بيوروڪريٽ ڪيتري دٻاءُ هيٺ ڪم ڪري رهيا آهن، نيب ۾ ڪيسن سبب تعميراتي منصوبن ۾ دير ٿي رهي آهي، جيڪو نه ٿيڻ گهرجي ۽ منصوبا وقت سر مڪمل ٿيڻ گهرجن. آفيسرن کي خطاب ڪندي ھن سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي آفيس ۾ هڪ فيسليٽيشن ڊيسڪ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ نيب آفيسر سنڌ سيڪريٽريٽ جي آفيسرن جا خدشا ۽ شڪايتون حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. نيب چيئرمين وڌيڪ چيو ته عوام جا مسئلا کليل ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد فخر ميمڻ، چيئرمين نيب سان سينئر آفيسرن جو تعارف ڪرائيندي چيو ته سنڌ ۾ پينشن فنڊ ۾ ڪرپشن ٿي آهي، جنهن ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ ڊائريڪٽر جنرل نيب ڪراچي جاويد اڪبر رياض ٻڌايو ته پينشن فنڊ جي جاچ دوران ڪجهه سيڪريٽرين کان جواب طلب ڪيو ويو آھي ۽ انهن کان لاڳاپيل معلومات ورتي وئي، جنهن جي بنياد تي نيب لاڳاپيل آفيسرن خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل نيب جاويد اڪبر رياض، چيئرمين پلاننگ بورڊ شڪيل احمد منڱريو، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري محمد اقبال ميمڻ، آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ منظور علي شيخ، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، چيئرمين اينٽي ڪرپشن، ذوالفقار علي شاهه، سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن محمد علي کوسو، سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ ۽ ٻين سيڪريٽرين شرڪت ڪئي جڏهن ته سمورن ڊويزنل ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.