فارم ۾ پيشو پورهيت، پسٽل ظاهر، اوهان وڃي حلال روزي ڪمايو: عدالت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ اليڪشن ٽربيونل جي  فيصلي جي خلاف آئيني درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، مسلم ليگ ق جي پي ايس 76 ميرپورساڪري تان اميدوار معشوق علي جانوري جي اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي جي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت رٽرننگ آفيسر ۽ اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکيو آهي، چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن جي قانون موجب فارم جمع ڪرائڻو هو، قانون موجب فارم جمع نه ٿيو ته ڪهڙي طرح اجازت ڏئي سگهون ٿا، وڪيل جو چوڻ هو ته درخواستگذار اٺ ڪلاس پاس آهي ان ڪري غلطيون ٿيون آهن، چيف جسٽس چيو ته اٺ ڪلاس پاس هجي يا پي ايڇ ڊي ڪرايل هجي، قانون موجب فارم فِل ڪرڻ گهرجي، فارم ۾ پيشو لکيو ويو آهي پورهيت جو، پسٽل به ظاهر ڪيل آهي، اميدوار کي چيو ته اوهان وڃي حلال روزي ڪمايو پنهنجي ٻارن جي پرورش ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.