ڄام شوري ۾ قوم پرست ڪارڪن سعيد تيوڻو ٻيهر کنڀجي ويو

ڄامشورو( ڊ ر ) ڄامشورو ۾ قوم پرست ڪارڪن سعيد تيوڻو کنڀجي ويو. ڄامشوري شهر ۾ سيوهڻ ويندڙ روڊ تي پل جي پاسي ۾ قائم  مقامي لک پتي هوٽل تي هڪ اڇي رنگ جي ويگو گاڏي ۾ سوار ٿي پهتل پوليس وردي ۽ سول ڪپڙن ۾ اهلڪارن هوٽل تي چڙهائي ڪري ھوٽل تي دوستن سان گڏ ويٺل قومي ڪارڪن سعيد تيوڻو کي کنڀي ورتو، ڪارڪن کي ويگو گاڏي ۾ ويهارڻ دوران نوجوان قومي ڪارڪن سعيد مزاحمت ڪئي جنهن تي قانون لڳو ڪندڙ ادارن جا اھلڪار کيس وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائيندي زبردستي گاڏي ۾ وجهي کنڀي کڻي ويا. ياد رھي ته قومي ڪارڪن سعيد تيوڻو کي ھڪ ڀيرو ٻيھر کنڀيو ويو آهي ان کان پهرين به کيس کنڀيو ويو ۽ ٻن مهينن کان پوء کيس آزاد ڪيو ويو هو ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ڄامشورو نياز پنهور به لاتعلقي ظاهر ڪندي چيو ته اهڙي ڪارروائي بابت اسان کي ڪوبه اطلاع نه هو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.