جي آءِ ٽيز جي اجلاسن ٻوٽو نه ٻاريو، گم ٿيل شهري آزاد نه ٿيا، متاثرن جون دانهون

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ سالن کان گم ٿيل پوليس ڪانسٽيبل جي بازيابيءَ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن سميت پوليس آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت ڊي آءِ جي جاچ کان پڇاڻو ڪيو ته شهري جي آزادي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا؟، ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن چيو ته 25 جي آءِ ٽيز جوڙيون ويون آهن، شهري جي ڳولا جاري آهي، اميد آهي ته هو جلد بازياب ٿي ويندو، درخواستگذار جي والد چيو ته پٽ عبدالله پوليس ڪانسٽيبل هو جيڪو 3 سالن کان گم آهي، 25،30 جي آءِ ٽيون ٺاهيون ويون پر جي آءِ ٽي ۾ ڪا به اڳڀرائي سامھون ناھي اچي سگھي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي، عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 15 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، هڪ گم ٿيل شهري جي امڙ چيو ته منهنجو پٽ 12 سالن کان گم آهي، جي آءِ ٽي ۾ ڪجهه نه ٿو ٿئي، هڪ ٻئي شهري جي گهرواري چيو ته مڙس 11 سالن کان گم آهي، روزي جو ڪو به پتو ناهي پيو، جي آءِ ٽي ۾ گهرايو ٿو وڃي پر ڪابه ڪارروائي نه ٿي ٿئي، جسٽس نعت الله ڦلپوٽو چيو ته توهان پريشان نه ٿيو توهان کي انصاف ڏينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.