ڪرينا اهڙو مطالبو ڪيو جو ساڻس دوستي ئي ختم ڪرڻي پئي: ڪرن جوهر

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ هدايتڪار ڪرن جوهر ادڪارا ڪرينا ڪپور سان دوستي ختم ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.
بالي ووڊ جي ڪيئي بلاڪ بسٽر فلمن جي هدايتڪار ۽ پرڊيوسر ڪرن جوهر هڪ انٽرويوءَ دوران انڪشاف ڪيو ته سپر اسٽار ڪرينا ڪپور سان دوستي ختم ڪرڻ جو سبب فلم لاءِ ڳرو معاوضو طلب ڪرڻ هو.
ڪرن جوهر وڌيڪ چيو ته اڄڪلهه اداڪارن سان ڪم ڪرڻ هڪ چئلينج بڻجي چڪو آهي، جيڪو به اداڪار مارڪيٽ ۾ پنهنجي ويليو ڄاڻيندي به غيرمعمولي معاوضو طلب ڪندو آهي ته سندس فلاپ ۽ هٽ فلمن جي فهرست آڏو رکي کيس آئينو ڏيکاريندو آهيان.
هن وڌيڪ چيو ته اداڪارن سان ڪم ڪندي سندن انا ۽ عدم تحفظ جي احساس کي ڀوڳڻو پوندو آهي، مون کي لڳي ٿو ته ڪو به اداڪار حد کان وڌيڪ پئسا گهري رهيو آهي ته مان پوئتي هٽي ويندو آهي، ڪنهن به گهٽ يا وڌ معاوضو ڏيڻ گناهه سمجهان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.