ڪراچي ۾ سياري باوجود 14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي دورانيي ۾ غير معمولي واڌ ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب فيڊرل ڪيپيٽل ايريا ۾ 14 ڪلاڪن کان وڌيڪ جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته لياقت آباد سي ون ايريا ۾ 16 ڪلاڪن کان وڌيڪ جي لوڊشيڊنگ جون شڪايتون وصول ٿيون آهن.
ان کانسواءِ لانڍي، ڪورنگي، اولڊ سٽي ايريا، الله والا ٽائون ۽ ٻين علائقن ۾ به 12 کان 14 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سياري ۾ بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي باوجود ڊگهي لوڊشيڊنگ سمجهه کان ٻاهر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.