اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن ۾ سال 22-2023 دوران هيل تائين جي سڀ کان وڏي سيل رڪارڊ ڪئي وئي.
ذريعن موجب سال 23-2022 ۾ يوٽيليٽي اسٽورز جي سيل رڪارڊ 137 ارب 15 ڪروڙ 50 لک رپيا رهي ۽ گذريل مالي سال يوٽيليٽي اسٽورز جو خالص منافعو 76 ڪروڙ 40 لک رپيا رهيو.
يوٽيليٽي اسٽورز جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اٽي، کنڊ، گيهه، دالين ۽ چانورن تي حڪومت وڏي سبسڊي ڏئي رهي آهي، گذريل سال دوران بنيادي شين تي حڪومتي سبسڊي سبب سيل بلند ترين سطح تي پهچي وئي.
ذريعن موجب يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن مسلسل 3 سالن کان منافعي ۾ آهي، مالي سال 22-2021 ۾ يوٽيليٽي اسٽورز جي سيل 112 ارب 32 ڪروڙ رپيا، جڏهن ته مالي سال 21-2020 ۾ يوٽيليٽي اسٽورز جي سيل 120 ارب 24 ڪروڙ رپيا هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مالي سال 20-2019 ۾ يوٽيليٽي اسٽورز جي سيل 53 ارب 32 ڪروڙ، مالي سال 19-2019 ۾ 9 ارب 68 ڪروڙ 50 لک رپيا هئي، جڏهن ته 19-2019 ۾ يوٽيليٽي اسٽورز 6 ارب 37 ڪروڙ 30 لک رپيا خساري ۾ هو.
Next Post
You might also like