”14 ڏينهن تائين هڪ ڪمري ۾ بند ڪيو ويو “ ريا چڪرورتي جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي سرڳواسي اداڪار سُشانت سنگهه راجپوت جي گرل فرينڊ اداڪارا ريا چڪروتي پنهنجي جيل ۾ گهاريل ڏينهن بابت تفصيل ٻڌايا آهن.

پنهنجي هڪ تازي انٽرويوءَ دوران ٻڌايو ته سندس جيل ۾ گذاريل وقت ڏکيو ترين هو جنهن جو ذڪر ڪرڻ به نٿي چاهيان ڇو ته مونکي ڪوويڊ 19 جي ڏينهن ۾ گرفتار ويو ۽ 14 ڏينهن تائين بلڪل اڪيلي هڪ ڪمري رکيو ويو.

اداڪارا ٻڌايو ته جيڪو کاڌو ملندو هو اهو کائڻو پوندو، کاڌي ۾ هڪ سڪل ماني ۽ پاڻي ۾ ڀڳل شملا مرچ ڏنا ويندا هئا.

هن چيو ته پنهنجي ساٿي قيدين کي ڏسندي هيس ته اندر ۾ شڪر جو احساس پيدا ٿيندو هو ڇو ته کين ڪا به خانداني سپورٽ نه هوندي هئي، وٽن ضمانت لاءِ پنج يا ڏهه هزار رُپين تائين رقم نه هوندي هئي، مون وٽ گهٽ ۾ گهٽ خاندان ۽ دوست ته هئا.

سندس چوڻ هوته جيل ۾ سدائين پاڻ کي اِها آٿت ڏيندي هيس ته مون کي انصاف ضرور ملندو، جڏهن مون ڪجهه ڪيو ئي ناهي ته سزا ڇو ملندي؟ .

ياد رهي ته اداڪار سشانت سنگهه راجپوت 14 جون 2020ع تي ممبئي ۾ پنهنجي فليٽ ۾ مئل حالت ۾ مليو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.