ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مصروف روڊ شاهراهه فيصل تي ڏينهن ڏٺي هٿياربند مسافر بس مان ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا.
نرسري وٽان گذرندڙ بس مروت ۾ چئن ڦورن هٿيارن جي زور تي مسافرن کان ڦرلٽ ڪئي، اهڙو واقعو سوا 4 وڳي پيش آيو جڏهن ته آفيسن مان واپسي جو وقت هوندو آهي.
مسافرن ۾ نجي ٽي وي جو ڪيمرا مين علي حيدر سنديلو پڻ موجود هو جيڪو ڊيوٽي بعد گهر واپس وڃي رهيو هو.
هٿياربندن کانئس موبائيل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ورتو ۽ سولائي سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
خيال رهي ته شاهراهه فيصل ڪراچي جو اهم روڊ آهي جتي پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار پيٽرولنگ پڻ ڪندا رهندا آهن پر تنهن هوندي بس مان ڦر جي واردات قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي تي سواليا نشان آهي.
متاثرن مطالبو آهي ته پوليس تحرڪ وٺي ۽ ڦورن کي گرفتار ڪري ڦر ڪيل سامان واپس ڪرايو وڃي.