ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي نجي چڙيا گهر ”ڊين زو“ ۾ اڇي آفريقي شينهن جي جوڙي وٽ 6 ٻچن جي پيدائش ٿي آهي.
ڊين زو انتظاميا موجب اڇي آفريقي شينهن جا سمورا ٻچا نر آهن ۽ سڀ صحتمند آهن.
انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ اڇي شينهن جي هڪ ئي وقت سڀ کان وڌيڪ ٻچن جي پيدائش جو اهو رڪارڊ آهي.
انتظاميا موجب ٻچن جي سار سنڀال لاءِ زو ڪيپر ۽ پيرا ميڊيڪ اسٽاف مقرر ڪيو ويو آهي.
You might also like