ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اتحاد ٽائون ۾ ٻارن کي تيز موٽر سائيڪل هلائڻ روڪڻ تي ٻن سڳن ڀائرن کي قتل ڪيو ويو.
ڪراچي ۾ ٻارن کي تيز موٽر سائيڪل هلائڻ کان روڪڻ ڏوهه بڻجي ويو، اتحاد ٽائون ۾ معمولي جهيڙي تي ٻن سڳن ڀائرن کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.
پوليس ٻڌايو ته فائرنگ جو واقعو جهيڙي دوران پيش آيو، مارجي ويلن ۾ فاروق ۽ حسين شامل آهن.
جهيڙو ٻارن کي تيز رفتاري سان موٽر سائيڪل هلائڻ کان روڪڻ تي ٿيو، ٻئي ڀائر پنهنجي ڪارخاني کان گهر وڃي رهيا هئا ته جهيڙي دوران ٻارن فون ڪئي، جنهن جي ڪجهه دير کانپوءِ گوليون هليون.
پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ ۾ ملوث جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي ۽ انهن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.
You might also like