ممبئي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان خلاف ڀارت جي پروپئگنڊا مهم جاري آهي ۽ ان سلسلي ۾ هرٿيڪ روشن ۽ دپيڪا پاڊڪون جي نئين فلم ” فائٽر “ جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي.
سوشل ميڊيا تي جاري ٽريلر ۾ پلواما حملي کانپوءِ ڀارتي هوائي فوج پاڪستان خلاف هڪ آپريشن جي رٿابندي ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.
فلم ۾ هرٿيڪ روشن ۽ دپيڪا پاڊڪون ڀارتي هوائي فوج جي اسڪوارڊن ليڊر جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن جڏهن ته انيل ڪپور ڪمانڊنگ آفيسر جي روپ ۾ نظر ايندو.
ميگا ايڪشن ٿرلر فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ ڪرن سنگهه گرور، اڪشي اوبراءِ ۽ ٻيا نامور فنڪار شامل آهن.
يش راج بئنر هيٺ ٺهندڙ فلم جي هدايتڪاري جا فرض سڌارت آنند انجام ڏئي رهيو آهي جيڪا ڀارت جي 75 هين يومِ جهموريت جي موقعي تي رليز ڪئي ويندي.
You might also like