ڪيچ ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملو، 5 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي نتيجي ۾ 5 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي  پيا. بلوچستان جي گهرو کاتي جي هڪ اهلڪار ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو آهي ته واقعو بليده جي علائقي گليسر ۾ پيش آيو. اهلڪار جو چوڻ هو ته گليسر واري علائقي ۾ اڻڄاتل ماڻهن بارودي مواد نصب ڪيو، جيڪو ان وقت ڌماڪو ٿيو جڏهن سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي اتان گذري رهي هئي. اهلڪار جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ گاڏي ۾ سوار 5 اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا. اهلڪار جو چوڻ آهي ته زخمي اهلڪارن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندن بهتر آهي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري اداري آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 3 حملي آور مارجي ويا. هوڏانهن بلوچستان جي نگران وڏي وزير علي مردان ڊومڪي ۽ نگران گهرو وزير مير زبير خان جمالي سڪيورٽي فورسز تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي ۽ عوام جي تحفظ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.