ڪراچي، شهري جو لاش اڇلائيندڙ اهلڪار گرفتار، ايس ايڇ او ۽ ڊي ايس پي معطل

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي ۾ پوليس کاتي جي اسپيشلائزڊ انويسٽيگيشن يونٽ ايس آءِ يو ۾ مبينا تشدد سبب  فوت ٿيل شهري جو لاش اڇلائيندڙ اهلڪارن کي حراست ۾ ورتو ويو. ان حوالي سان پوليس هڪ بيان جاري ڪيو آهي. پوليس اختيارين موجب شهري کي 11 ۽ 12 جنوري جي رات ڀتا ​​خوري ۾ ملوث آءِ آر رپورٽ موجب جاچ لاءِ گرفتار ڪري ايس آءِ يو آندو ويو، جوابدار نظام الدين خلاف ماضي ۾ به مختلف ٿاڻن ۾ 3 ڪيس داخل هئا، جوابدار نظام الدين صبح 5 وڳي فوت ٿي ويو، اهلڪار لاش گهر ڀرسان خالي پلاٽ تي اڇلائي آيا ، پوليس بيان ۾ چيو آهي ته واقعي ۾ ملوث ايس آءِ يو جي اڳوڻي اي ايس آءِ ۽ ڪانسٽيبل کي گرفتار ڪيو ويو آهي، واقعي ۾ ملوث هڪ اي ايس آءِ ۽ هڪ شهري جي ڳولا لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، لاپرواهي تي ايس آءِ يو جي ٻين آفيسرن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته 12 جنوري 2024 تي منگھوپير ٿاڻي جي حد ۾ پوليس پارٽي نظام الدين نالي هڪ شهري کي حراست ۾ ورتو هو ۽ پوءِ کيس هٿڪڙيون هڻي سندس ڀاءُ جي گهر وٺي وئي ۽ سندس تلاشي ورتي هئي، بعد ۾ ايس آءِ يو اهلڪارن شهري کي جلد آزاد ڪرڻ جو يقين ڏياريو ۽ گهرڀاتين کي ڌمڪيون ڏنيون ته هو ڪٿي به شڪايت نه ڪندا جنهن بعد گهر ڀرسان نظام الدين جو لاش مليو، جنهن تي سندس ڀاءُ منگھوپير ٿاڻي تي پهچي سڄي صورتحال کان آگاهه ڪيو، جنهن بعد پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪيو، ٻئي پاسي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند ايس آءِ يو سي آءِ اي ايس ايڇ او انسپيڪٽر عتيق حسين شاهه کي معطل ڪري پوليس ھيڊڪوارٽر گارڊن رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جڏهن تي ڊي ايس پي ايس آءِ يو سي آءِ اي سعيد احمد رند کي معطل ڪري سي پي او آفيس رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.