وزير اعظم هجي يا سپه سالار، ٻڌي ڇڏي فلسطين جو ڪو ٻه رياستي حل ناهي: حافظ نعيم

ڪراچي (رپورٽر ) امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جي حمايت ڪندڙن جي مذمت ڪندي  چيو آهي ته ٻه رياستي حل جي حق ۾ آواز اٿاري رهيا آهن، مان اهو چوڻ چاهيان ٿو ته ڪير ڪيترو  به طاقتور هجي، وزيراعظم هجي يا سپه سالار، ٻڌي ڇڏي ڪو ٻه رياستي حل ناهي، رڳو هڪ رياست آهي ۽ اها آهي فلسطين جي آزاد رياست آهي. جماعت اسلامي ڪراچي ۾ شارع فيصل تي غزا ملين مارچ ڪيو، جنهن ۾ عورتن، ٻارن ۽ نوجوانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. غزا ملين مارچ کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته اسان جا حڪمران فلسطينين جي حمايت نه پيا ڪن، اسرائيل ۽ آمريڪا جي مذمت نه ڪري رهيا آهن ڇو ته هي آمريڪا جا پٺو آهن، پاڪستانيو هنن جا چهرا سڃاڻي وٺو هنن غدارن کي سڃاڻو ۽ انهن کي سدائين لاءِ پنهنجي صفن مان ڪڍو.  هن چيو ته اسرائيل هڪ ناپاڪ وجود آهي، قائداعظم ان کي تسليم نه ڪيو ۽ هميشه لاءِ چيو هو ته ان غيرقانوني وجود کي تسليم نه ڪنداسين. قوم به قبول نه ڪيو، تنھنڪري جيڪو اسرائيل ڏانھن اڳتي وڌندو، ان جو حشر خراب ٿيندو. امير جماعت اسلامي ڪراچي چيو ته 25 ڪروڙ عوام فلسطين جي خون جو سودو ۽ غداري ڪرڻ نه ڏيندو، توهان سان وڙهنداسين ۽ شڪست ڏينداسين. هن چيو ته مان ڏکڻ آفريڪا کي ڀيٽا پيش ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن انسانيت جي نالي تي عالمي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو. هن چيو ته غزا ته نه ٿا پهچي سگهون پر روڊن تي نڪري سگهون ٿا، اسرائيلي شين جو بائيڪاٽ ڪري سگهون ٿا، چئي سگهون ٿا ته اسرائيل مرده باد، آمريڪا مرده باد. نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته اسرائيل هٿان 25 هزار ٻار، مرد ۽ عورتون شهيد ٿي چڪا آهن، حماس 7 آڪٽوبر تي اسرائيل کي شڪست ڏني، اسرائيل جي ٽيڪنالوجي کي حماس تباهه ڪيو. هن چيو ته اسرائيل ٻارن، عورتن، گهرن ۽ عبادت گاهه تي بمباري ڪري رهيو آهي، حماس جي صبر ۽ حوصلي کي سلام پيش ڪريون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.