غزا تي اسرائيلي جارحيت جا سئو ڏينهن مڪمل، 23 هزار فلسطيني شهيد

غزا (م ڊ ) غزا ۾ 7 آڪٽوبر 2023ع کان جاري اسرائيلي جنگ جا 100 ڏينهن مڪمل ٿي ويا آهن. عرب ميڊيا موجب غزا ۾ اسرائيلي  حملن ۾ هن وقت تائين 23 هزار 700 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 60 هزار زخمي ٿي چڪا آهن. اسرائيلي حملن ۾ غزا ۾ 45 کان 56 سيڪڙو عمارتون تباهه ٿي ويون، 69 سيڪڙو اسڪولن جي عمارتن کي نقصان پهتو، 142 مسجدون، 3 گرجا گهر ۽ 121 ايمبولينسز کي نقصان پهتو. اسرائيلي بمباري سبب 36 اسپتالن مان 15 جزوي طور ڪم ڪري رهيا آهن. 576 هزار کان وڌيڪ فلسطيني بک ۽ بدحالي کي منهن ڏئي رهيا آهن.غزا ۾ اسرائيلي حملن سبب 1.8 ملين فلسطيني بي گهر ٿيا آهن. 3 مهينن کان جاري جنگ ۾ اسرائيل طرفان غزا تي هن وقت تائين 29 هزار بم، گولا ۽ گولا فائر ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.