پاڪستان طرفان غزا لاءِ موڪليل امداد جي چوٿين کيپ اردن پهچي وئي

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان کان غزا موڪليل امدادي سامان جي چوٿين کيپ اردن پهچي وئي آهي.اسلام آباد مان مليل ڄاڻ موجب  پاڪستان ايئر فورس جي خاص اڏام ذريعي 20 ٽن امدادي سامان جي چوٿين کيپ گذريل ڏينهن رواني ڪئي وئي هئي. امدادي سامان ۾ سرجيڪل طبي سامان، خشڪ کاڌي جون شيون ۽ صحت جون ڪٽس شامل هيون. اردن ۾ پاڪستان جي سفير ۽ اردن جي هوائي فوج جي سربراهه امداد وصول ڪئي. اهي امدادي سامان حاصل ڪرڻ کان پوءِ ورهائڻ لاءِ غزا موڪليو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.