ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي نيپيئر ٿاڻي جي جي علائقي جميلا اسٽريٽ لياري ايڪسپريس وٽ موٽرسائيڪل تي سوار پوليس وري پهريل پوليس اهلڪارن جي واپاري کي يرغمال بڻائي ڦرلٽ ڪئي، نيپيئر پوليس پاران واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو لياري ايڪسپريس ويجهو موٽرسائيڪل سوار پوليس وردي پهريل پوليس اهلڪارن واپاري کان 2 لک رپين کان وڌيڪ رقم ڦر ڪري ورتي، پوليس موجب واپاري موٽرسائيڪل تي لياقت آباد کان ٽمبر مارڪيٽ اچي رهيو هو ڪاٺيون خريد ڪرڻ لاءِ ته کيس جميلا اسٽريٽ گارڊن لڳ ٻن پوليس اهلڪارن روڪيو. واپاري پوليس کي ٻڌايو ته جوابدار موٽرسائيڪل جا دستاويز گهريا، جنهن تي مون کين ٻڌايو ته گاڏي جا ڪاغذ وسري ويا آهن، جنهن بعد مبينا پوليس اهلڪار مون کي ۽ منهنجي ملازم کي گارڊن چوڪ ذريعي لياري ايڪسپريس وي وٽ ويران جڳھ وٺي ويا. اسان جي تلاشي شروع ڪئي. هن چيو ته منهنجي کيسي مان 1 لک 70 هزار رپيا ۽ ملازم جي کيسي مان 63 هزار رپيا ڪڍيا ويا، ڪيس جي متن موجب جڏهن واپاري رقم واپس گهري ته پوليس اهلڪارن هٿيار ڏيکاريا ۽ هلي وڃڻ جو چيو. ٻي صورت ۾ توکي ڦورو بڻائي ماري ڇڏيندا، ان کان پوءِ ٻئي اهلڪار فرار ٿي ويا.
ڪراچي پوليس جي ڪارروائي، لياري گينگ جا 2 دهشتگرد گرفتار
ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي چاڪيواڙا ٿاڻي جي پوليس هٿان گرفتار ٿيل لياري گينگ وار جي 2 ڀتا خورن جا تفصيل سامهون اچي ويا، ايس ايس پي سٽي امجد حيات جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ احمد عرف دادا ۽ تنوير عرف جھيگنو جي نالي سان ٿي آهي،جوابدار پاڙيسري ملڪ ۾ ويهي ۽ گينگ وار جي انعامي دهشتگردن لاءِ ڪم ڪندا هئا، امجد حيات چيو ته جوابدارن ڪراچي ۾ ڀتا خوري جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪيو آهي، گرفتار جوابدار احمد دادا زبير ڇوٽو جو ڪارندو آهي، هو پوليس مقابلي دوران گارڊن ۽ بغدادي مان مفرور ٿي ويو هوايس ايس پي سٽي موجب جوابدار زبير ڇوٽو احمد دادا جي فوٽيج به حاصل ڪري ورتي آهي، ان سي سي ٽي وي ۾ جوابدار کي فائرنگ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، جوابدارن موسيٰ لين بغدادي ۾ پاپڙ فيڪٽري جي مالڪ کان 3 لک رپيا ڀتو گهريو ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۽ جاني نقصان پهچائڻ جي ڌمڪي ڏني. ايس ايس پي سٽي امجد حيات جو چوڻ هو ته جوابدارن کڏا مارڪيٽ ۾ بيڪري مان 80 هزار رپيا ڀتو ورتو ، جڏهن ته نيو ناظم آباد ۾ بيڪري واري کان 3 لک رپيا ڀتو گهريو هو ،جوابدار ڊاڊا لي مارڪيٽ ۾ جنرل اسٽور بيڪري مان 2 لک رپيا ڀتو وصول ڪيو حنيف نالي شخص کان 2 لک 50 هزار رپيا ڀتو طلب ڪيو ، 20 هزار رپيا وصول به ڪيا، جوابدار نيا آباد ۾ بيڪري واري کان 2 لک رپيا طلب ڪيا، پر اتان ڪجهه به نه مليو.