سياري ۾ پاڻ کي خشڪ کنگهه ۽ ٿڌ کان ڪيئن بچائجي؟

سياري جي موسم شروع ٿيندي ئي نزلو، کنگهه ۽ ٻيون بيماريون ڪَرُ کڻنديون آهن جن مان جان ڇڏائڻ تمام ڏکيو ٿي ويندو آهي.

انهن سڀني کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته ٿڌ ۾ پنهنجي قوت مدافعت کي مضبوط بڻايو وڃي ته جيئن اوهان جو جسم بيڪٽيريا ۽ وائرل انفيڪشن سان وڙهڻ جي صلاحيت رکي سگھي.

کَٽا ميوا

شايد اوهان کي ٻڌڻ ۾ عجيب لڳندو ته کَٽا ميوا کائڻ سان ڳلو خراب ٿي ويندو ۽ کنگهه به شروع ٿي ويندي پر اها ڳالهه درست ناهي ڇو جو قدرت کٽن ميون ۾ انفيڪشن سان وڙهڻ جي صلاحيت رکي آهي.

کٽن ميون ۾ نارنگي، مالٽو، ليمو ۽ گريپ فروٽ جهڙا ميوا شامل آهن ڇو جو انهن ۾ وٽامن سي جو ججهو مقدار هوندو آهي جيڪو جسم ۾ رت جي اڇن جُزن کي پيدا ڪندا آهن ۽ انفيڪشن سان وڙهڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن.

بيريز

بيريز ۾ اسٽرابيري، بلو بيري ۽ توت وغيرا شامل آهن، انهن بيريز ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ، وٽامنز ۽ فائبر ججهي مقدار ۾ موجود هوندو آهي جيڪو قوت مدافعت کي مضبوط بڻائيندو آهي.

ڏهي ۽ ٻين خمير ٿيل کاڏن ۾ فائديمند بيڪٽيريا هوندا آهن جن کي پروبائيوٽڪس چيو ويندو آهي.

ڏهي ۾ موجود سٺا بيڪٽيريا آنڊن کي صحتمند بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪندا آهن جيڪي مدافعتي ڪم ۾ مک ڪردار ادا ڪندا آهن.

پالڪ

پالڪ جهڙين پنن واريون ڀاڄيون وٽامنز، منرلز ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس سان ڀرپور هوندا آهن جيڪي مدافعتي نظام کي مضبوط بڻائيندا آهن.

ادرڪ

ان کانسواءِ ادرڪ به کنگهه کان بچائڻ ۾ بهترين ڪردار ادا ڪندو آهي، ادر ۾ سوڄ کان بچاءَ ۽ اينٽي آڪسيڊنٽ جون خاصيتون هونديون آهن جيڪي کنگهه ۽ نزلي زڪام سان سلهاڙيل ساهه جي بيمارين کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏينديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.