سن: ڌار ڌار جهيڙن ۾ 20 ڄڻا زخمي

سن (ويب ڊيسڪ) سن ويجهو پراڻن تڪرارن ۽ پاڻي جي واري تان ٽي ڌار ڌار جهيڙا ٿيا جنهن جي نتيجي ۾ ويهه ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڇڇر ٿاڻي جي حد ۾ گائينچا برادري جي ٻن ڌرين شاهد گائينچو ۽ پلهواڻ گائينچو وچ ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙي ٿي پيو جنهن ۾ هڪ ڌر جا چار ڄڻا ۽ ٻي ڌر جا ٻه ڄڻا زخمي ٿيا.

ٻيو جهيڙو ڳوٺ ڀورو خان جوڳياڻي کوسو ۾ زرعي زمين جي مالڪي تان جوڳياڻي کوسا برادري جي ٻن ڌرين پوڙهو جوڳياڻي کوسو ۽ ديدار حسين جوڳياڻي کوسو وچ ۾ ٿيو.

جهيڙي ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا ڏهه ڄڻا زخمي ٿي پيا.

لٺين ڏنڍن ڪهاڙين جو آزادانه استعمال ٿيڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

سمورن زخمين کي تعلقي اسپتال مانجهند نيو ويو جتان ڪجهه زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ٽيون جهيڙو خاصخيلي ۽ برهماڻي برادري ۾ پراڻي تڪرار تان ٿيو جنهن سب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.