ايمازون ٻيلي ۾ صدين کان گم ٿيل شهر دريافت

ماهرن ايمازون جي ٻيلن ۾ صدين کان گم ٿيل شهر دريافت ڪيو آهي.

اسٽيفن روسٽين نالي قديم آثارن جي ماهر ڏکڻ آمريڪي ملڪ ايڪواڊور ۾ 2 ڏهاڪا اڳ زمين ۾ دٻيل روڊن ۽ مٽيءَ جي دڙن کي دريافت ڪيو هو، پر ان وقت کين ان دريافت تي يقين نه هو.

هاڻي جنرل سائنس (آن لائين رسالي) ۾ ڇپيل تحقيق ۾ اسٽيفن روسٽين ۽ ٻينا ماهرن ليزر سينسر ٽيڪنالاجي جي مدد سان ان خطي جو نقشو تيار ڪيو.

ان نقشي مان خبر پئي ته اتي ڪنهن زماني ۾ پرهجوم وسنديون ۽ رستا موجود هئا جيڪي انڊيز جبل تان وينديون آهن.

اسٽيفن روسٽين موجب اها شهرن جي هڪ گم ٿيل وادي آهي ۽ اها دريافت حيران ڪندڙ آهي.

ان خطي تي 500 قبل مسيح ۾ Upano قبيلي قبضو ڪيو هو ۽ اُتي 300 کان 600 صدي عيسوي تائين موجود رهيا.

تحقيق دوران ان خطي ۾ رهائشي ۽ مذهبي عمارتن کي مٽي جي دڙي مان ٻاهر ڪڍيو ويو.

missing city discovered in amazon jungle

انهن عمارتن جي چوڌاري ٻنين ۽ ڍنڍن جو نظام به موجود هو جڏهن ته اتان ڊگھا ترين روڊ 33 فوٽ ويڪرا ۽ 6 کان 12 ميل ڊگھار هئا.

هونئن ته ان خطي جي آبادي جو ڪاٿو لڳائڻ ڏکيو آهي پر ماهرن جي خيال ۾ اتي گھٽ ۾ گھٽ 10 هزار ماڻهو رهندا هئا.

ماهرن موجب تحقيق مان ثابت ٿئي ٿو ته اهي گھڻا پرهجوم شهر هئا ۽ اتان جا معاشرا ڪافي پيچيدهه هئا.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته ايمازون ۾ رهندڙ ماڻهن وٽ عمارتون اڏڻ لاءِ پٿر نه هئا ته اهي مٽي مان عمارتون اڏيندا هئا.

عرصي کان خيال ڪيو پئي ويو ته ايمازون ٻيلي ۾ تمام گھٽ ماڻهو ترسيا آهن پر هاڻوڪين تحقيقي رپورٽن مان ثابت ٿيو آهي ته ان خطي جو ماضي اندازون کان وڌيڪ پيچيدهه آهي.

ان تحقيق جا نتيجا جرنل سائنس ۾ ڇپيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.