پ پ جو چونڊون ملتوي ٿيڻ تي ايم آر ڊي جيان تحريڪ هلائڻ جو اعلان

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چونڊن ۾ دير تي ايم آر ڊي جيان تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
لاڙڪاڻي ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي نثار کهڙي چيو ته پ پ ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ هر صورت ۾ مقرر وقت تي چونڊون چاهي ٿي.
هن چيو ته جيڪڏهن چونڊون ملتوي ڪيون ويون ته ايم آر ڊي جيان تحريڪ هلائينداسين.
سندس چوڻ هو ته نواز شريف کي عوام ۾ موٽ نه ملڻ سبب چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، پ پ اڪيلي سياسي جماعت آهي، جيڪا چونڊ مهم شروع ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.