هيملٽن (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ ايڊم هوليوڪ چيو آهي ته پاڪستان ٽيم هاڪاري سوچي رهي آهي، اڃا 3 ميچون آهن، ڏسون ڇا ٿو ٿئي.
هيملٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايڊم هوليوڪ چيو ته شاهين آفريدي سٺي بالنگ ڪئي، گذريل ميچ جي ڀيٽ ۾ هن ويري ايشن سان بالنگ ڪئي.
هن چيو ته اهو آسان هدف نه هو، پوءِ به اسان سٺي ڪوشش ڪئي، ٻنهي ميچن جي پاور پلي ۾ اسان سٺو کيڏياسين، آسٽريليا کانپوءِ هتي به ڏکيون ميچون ٿيون.
سندس چوڻ هو ته رانديگر سخت محنت ڪري رهيا آهن، ٻئي ميچون اسڪورگ هيون، بيٽرن ۽ بالرن ٻنهي کي پرفارم ڪرڻ گهرجي.
اعظم خان جي حوالي سان بيٽنگ ڪوچ چيو ته هو پاور فل بيٽر آهي پر پرفارم ناهي ڪري سگهيو، اميد ته اڳتي سٺو پرفارم ڪندو، اعظم خان باصلاحيت رانديگر آهي، اسڪواڊ ۾ ٻيا رانديگر به باصلاحيت آهن.
You might also like