ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ٽيم جي نوجوان بيٽر محمد حارث چيو آهي ته سمورو ڌيان ٽيم ۾ واپسي تي کتل آهي، پي ايس ايل ۾ پرفارم ڪري پليئنگ ايلون ۾ جلد جاءِ ٺاهيندس.
هڪ تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد حارث شڪايت ڪئي ته هو نٿو ڄاڻي تي سندس ڪارڪردگي ڪٿي غلط هئي پر ڪيريئر ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن بيڪ اپ رانديگر اوهان کان بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندا آهن جنهنڪري اُهي کيڏڻ جا حقدار هوندا آهن.
هن چيو ته مون کي لڳي ٿو ته جنهن کي به ٽيم مان ڊراپ ڪيو ويو آهي ان کي پرفارم ڪرڻو پوندو ۽ واپسي ڪرڻي پوندي، پي ايس ايل بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري واپسي ڪندس.
سندس چوڻ هوته ڊراپ ڪرڻ سان تڪليف ناهي ٿي، اِهي شيون اوهان کي مضبوط بڻائينديون آهن ۽ مون کي پنهنجي غلطين جو جائزو وٺڻ ۽ مهاررت کي بهتر بڻائڻ جو موقعو مليو.
ياد رهي ته چيف سليڪٽر وهاب رياض نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ محمد حارث کي آرام ڏنو ويو آهي جڏهن ته سندس جاءِ تي صائم ايوب کي موقعو ڏنو جنهن علائقائي ڪرڪيٽ ۾ شاندار راند جو مظاهرو ڪيو هو.