ڪيويز کي سينٽنر کانپوءِ ٻيو جهٽڪو، اهم رانديگر سيريز مان ٻاهر

آڪلينڊ ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽين ميچ ۾ شامل ڪيوي ڪرڪيٽر ڪلهي جي انجري سبب سيريز مان ٻاهر ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، جوش ڪلارڪسن سپر سميش ۾سينٽرل سٽيگز طرفان کيڏندي انجري جو شڪار ٿيو ۽ پاڪستان خلاف ٽين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شرڪت جو موقعو وڃائي ويٺو .
ڪيوي ٽيم مئنجمينٽ تصديق ڪئي آهي ته سينٽرل سٽينگز زخمي ڪرڪيٽر جي جاءِ وِل ينگ کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪري ورتو آهي.
واضح رهي ته ڪپتان ڪين وليمسن پاڪستان خلاف ٽين ميچ ۾ ٽيم جو حصو نه هوندو، سندس جاءِ تي سيٽگز کي پليئنگ اليون جو حصو بڻايو ويو هو.
ان کا اڳ سيريز جي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ کان اڳ آل رائونڊر مچل سينٽنر ڪورونا جو شڪار ٿي ميچ مان ٻاهر ٿي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.