ڪيلي جي کَلن جا 6 بهترين فائدا

قدرت انسان لاءِ ميون ۽ ڀاڄين جهڙيون ڪيتريون ئي نعمتون خلقيون آهن جيڪي نه رڳو صحت لاءِ سٺيون هجن ٿيون پر انهن جا ٻيا به فائدا آهن.

هونئن ته ڪيلو 12 مهينا ملندڙ ميوو آهي ۽ ان جا اڻ ڳڻيا طبي فائدا به آهن جن بابت اسان اوهان کي آگاهه به ڪندا رهندا آهيون، پر اڄ اوهان لاءِ ڪيلي جي کَلن جا فائدا بيان ڪنداسين.

ڪيلي جي کلن جي استعمال جا 5 وڏا فائدا آهن تنهنڪري ڪيلي کَلن کي ڦٽو ڪرڻ بدران انهن کي سٺي طرح ڌوئي اڌ ڪلاڪ لاءِ ٻن ڪوپن جيتري پاڻيءَ ۾ ڀڄائي رکو ته جيئن گندگي يا ڌوڙ مٽي لهي وڃي.

ٽينڪ جو پاڻي صاف ڪرڻ لاءِ

ڪيلي جي کلن جو ڀڳل پاڻي صاف شفاف ۽ خالص هوندو آهي، ان ڪري جيڪڏهن گھر جي ٽينڪي ۾ گند جمع ٿي وڃي يا پاڻي صاف نه ٿي رهيو هجي ته اهو ڪيلي جي کلن وارو پاڻي ٽينڪ ۾ وجهي ڇڏيو، سڄو پاڻي صاف ٿي ويندو.

جسم جي چرٻي گھٽائي

وزن گھٽائڻ لاءِ مختلف قسمن جي چانهه پيئندا رهندا آهيو پر اڄ ڪيلي جي کلن جي چانهه بڻائڻ سکو ۽ 3 مهينن ۾ جسم جي چرٻي کي ڳارڻ جي خاص ٽِپ به استعمال ڪريو، اهو پاڻي جنهن ۾ ڪيلي جون کلون ڀڳل هيون، ان پاڻي کي اُٻاريو ۽ هڪ چپٽي سُنڍ جو پائوڊر وجهي ان کي روز ٻه ڀيرا پيئو.

کل جا نشان صاف

منهن ۽ کل تي ٿيندڙ نشان ختم ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪريمون ۽ ٽوٽڪا استعمال ڪري چڪا آهيو ته هاڻي ڪيلن جي کلن جو اهو پاڻي استعمال ڪريو کَلَ صاف ۽ شفاف ٿي ويندي. اُهو پاڻي جنهن ۾ ڪيلي جون کلون ڀڳل آهن ان ۾ هڪ چمچو سوڊا ۽ لوڻ وجهي سٺي طرح مڪس ڪريو ۽ ان کي منهن جي نشانن تي لڳائي 15 منٽن لاءِ ڇڏي ڏيو ان کان پوءِ اوهان ڪپهه کي پاڻي ۾ ٻوڙي ان سان منهن کي صاف ڪريو.

سڪون جي ننڊ

ان عمل کي رات جي وقت ڪرڻ وڌيڪ فائديمند آهي ڇو جو سڄي ڏينهن جي ٿڪ کان پوءِ کل کي به رات جو سڪون گھرجندو آهي ۽ ان وقت اهو لوڻ ۽ ڪيلي جو آئرن وارو پاڻي کل جي رليڪسيشن جو ڪم ڪندو آهي، ڪيلي ۾ جيتوڻيڪ آئرن جو وڏو انگ موجود هوندو آهي ان ڪري اهو سٺي طرح صفائي ڪرڻ ۾ ڪم ايندو آهي.

ٿانو چمڪائڻ لاءِ

اُهي ٿانو جن تي ڄميل مير ڊيٽرجنٽ سان به صاف نه ٿئي ته ڪيلي جي کلن جو اِهو ڀڳل پاڻي ان ۾ وجهي 15 منٽ هلڪي باهه تي رکي ڇڏيو ۽ پوءِ ٿورو ٿڌو ٿيڻ تي ٿانو کي ڪنهن ڪپڙي سان صاف ڪري ڇڏيو، ان سان هر قسم جا خراب ٿانو صاف ٿي ويندا.

ننهن جي فنگس جو علاج

ڪجهه ماڻهن جي ننهن ۾ فنگس لڳي ويندو آهي ۽ انهن مان گند وهڻ لڳندو آهي، جنهن لاءِ اوهان مختلف قسمن جون دوائون ته استعمال ڪندا هوندا ته پوءِ هاڻي ڪيلي سان ان جي علاج جو هي طريقو استعمال ڪريو.

ڪيلي جي کلن واري پاڻيءَ ۾ هڪ چمچو ادرڪ جو پائوڊر جنهن کي سُنڍ چوندا آهن، ان کي مڪس ڪري فنگس وارن ننهن تي لڳائي پٽي ٻڌي ڇڏيو ۽ 15 منٽن کان پوءِ ان کي گلاب جي پاڻي سان صاف ڪريو. ان عمل کي روز ڪريو، ان سان اوهان جي ننهن ۾ لڳل فنگس هوريا هوريان ختم ٿي ويندو ۽ ننهن بلڪل صاف سٿرا ۽ چمڪندڙ ٿي ويندا.

نوٽ: مٿي بيان ڪيل طريقا ڊاڪٽرن جي عام راءِ تي ٻڌل آهن، ڪنهن به نسخي يا دوا کي مستند ڊاڪٽر جي مشوري جو متبادل نه سمجهيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.