سي اي جي آءِ بي اي پاران عام چونڊن بابت حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ”آءِ ويريفاءِ “ ٽول متعارف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) انسٽيٽيوٽ بزنس ايڊمنسٽريشن جي سينٽر آف ايڪسيلينس ان جنرلزم ( CEJ-IBA) ملڪ جي صحافتي منظرنامي ۾ آزاد ۽ اڻڌري رپورٽنگ جي دائري کي اڳتي وڌائڻ ۽ حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ لاءِ اهم قدم کڻندي آءِ ويريفاءِ (iVerify)جي شروعات ڪري ڇڏي.
اسلام آباد جي سرينا هوٽل ۾ يو اين ڊي پي جي ٽول آءِ ويريفاءِ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڊائريڪٽر، سي اِي جي، آءِ بي اي، ابرار رحيم شمسي چيو ته هي ٽول شفاف ۽ تصديق جوڳي خبرن جي رپورٽنگ ۽ جاچ جي طريقيڪار کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ اهم قدم ثابت ٿيندو.
هن وڌيڪ چيو ته ڊجيٽل ۽ روايتي ميڊيا ٻنهي هنڌن تي غلط ڄاڻ جي تيز وهڪري کي نظر ۾ رکندي آءِ ويريفاءِ جي طرفان قائم ڪيل حقيقتن جي جاچ جو طريقيڪار پاڪستان ۾ اعتماد جوڳي ۽ اڻڌري صحافت جو بنياد وجهندو.
يو اين ڊي پي جي فراهم ڪيل ٽول آءِ ويريفاءِ في الحال ملڪ ۾ صحافين لاءِ تصديق جي ڪجهه اثرائتن ۽ ڪارائتن طريقن منجهان هڪ پيش ڪري ٿو جنهن تعصب جي خاتمي، حقيقتن جي تصديق ۽ درست جاچ ذريعي خبرن جي مضمونن تي ڪارروائي ڪرڻ تي زور ڏنو ويندو آهي، هي گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام تحت عالمي سطح تي تسليم ٿيل آهي ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اِهو ڪاميابي سان لاڳو ڪيو ويو آهي.
اِهو ٽول صحافين ۽ ميڊيا جي پروفيشنل ماڻهن کي سي اي جي، آءِ بي اي جي ويب سائيٽ تي آءِ ويريفاءِ جي پورٽل ذريعي پنهنجون ڪهاڻيون جمع ڪرائڻ جي اجازت ڏئي ٿو، جتان سندن ڪهاڻي جي حقيقتن ذريعي نمائندگي ۽ سياق ۽ سباق جي حوالي سان تصديق کان اڳ هڪ گهڻ پاسائين نقطه نظر ذريعي ان جو جائزو وڃي ٿو جنهن ۾ ڊيٽا ۽ ٻولي جي بنياد تي جاچ پڙتال ڪئي ويندي آهي.
ٽول متعارف ڪرائڻ واري تقريب کانپوءِ ميڊيا جي سينيئر ۽ پروفيشنل صحافين جي پئنل جي ڊسڪشن ٿي، جنهن ۾ منصور علي خان، زهرا مظهر، فرهاد جرال، ابسا ڪومل، عمر چيما ۽ نظام سالار زئي شامل هئا، جن اعليٰ درجي جي صحافت ۾ حقيقتن جي جاچ ڪرڻ واري ٽول جي فائدن تي گفتگو ڪئي، ايندڙ عام چونڊن دوران امڪاني چونڊ نشريات ۽ نيوز رومز جي امڪاني طور تي غير مستحڪم نوعيت کي نظر ۾ رکندي پئنل اتفاق ڪيو ته اِهو ٽول غلط خبرن جي روڪٿام، ذميوار ۽ محتاط صحافت لاءِ جاءِ ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.