مڪو شريف سياري ۾ گرم ڇو رهندو آهي؟

مڪو (ويب ڊيسڪ) مَڪو شريف سياري ۾ به گرم رهڻ جا سبب سامهون اچي ويا.
اهي سبب سعودي عرب جي القصيم يونيورسٽي جي ماحوليات جي اڳوڻي پروفيسر ۽ سعودي ويدر اينڊ ڪلائميٽ سوسائٽي جي نائب صدر عبدالله المسند بيان ڪيا آهن.
رپورٽ موجب عبدالله المسند ٻڌايو آهي ته سياري جي موسم ۾ مڪي جي علائقي جي گرمي جو سبب ڪيترائي موسمي ۽ جغرافيائي عمل آهن.
هن ٻڌايو ته سياري ۾ مڪي جي گرمي جو هڪ سبب حجاز جي ٽڪرين جا وڏا جبل آهن جيڪي ٿڌين هوائن کي مڪي تائين پهچڻ ناهن ڏيندا.
رپورٽ موجب مڪو هڪ اهڙو علائقو آهي جيڪو سمنڊ جي سطح کان رڳو 300 ميٽر بلندي تي آهي، ان کانسواءِ مڪي جي گرمائش جي دعويٰ هڪ ٻئي سبب جي ڪري به ڪئي ويندي آهي.
مڪو عام طور ڏکڻ ۽ ٿڌن اترين اثرن کان گھڻو پري آهي جيڪي اتر ۽ وچ وارن علائقن کي متاثر ڪندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.