سيءُ وڌي ويو: 24 ڪلاڪن ۾ 10 ڄڻا فوت

لاهور (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ٿڌ جي لهر وڌي وئي آهي جنهن سبب نمونيا جا ڪيسز تيز ٿي ويا آهن.

پنجاب صوبي ۾ 10 ڄڻا نمونيا سبب فوت ٿي ويا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران لاهور ۾ 2 ڄڻا نمونيا وگهي فوت ٿيا آهن.

ان سان گڏوگڏ گذريل 24 ڪلاڪن دوران لاهور ۾ نمونيا جا وڌيڪ 62 مريض سامهون آيا آهن.

خيال رهي ته ڪراچي ۾ به گذريل ڏينهن کان ٿڌ تيز ٿي وئي آهي جڏهن ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.