مان اهڙيون تڪليفون سَٺيون، جن جو تصور ئي نه ڪيو هو: شيخ رشيد

راولپندي (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته مان زندگي ۾ ڪيتريون ئي تڪليفون سَٺيون پر موجوده 6، 7 مهينن ۾ جيڪي تڪليفون سٺيون، انهن جو ڪڏهن سوچيو به نه هو.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته منهنجا گهر ڀڄي پيا، خاندان جي هر فرد سان زيادتي ٿي پر مان ڄمي بيٺس، اڄ به بيٺو آهيان، 17 ڀيرا وزير رهيس، ڪجهه ماڻهن ٽڪيٽ جي لائق نه سمجهيو.
هن چيو ته مان پنهنجي دوستي نڀائيندس، اصولي ماڻهو آهيان، قوم کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مان امتحان ۾ پاس ٿيس، جهڪيو ناهيان.
سندس چوڻ هو ته مان 6، 7 مهينا اهڙن اهڙن علائقن ۾ چِلو ڪاٽيو، اهڙين غارن ۾ رهيس، جيل ۾ رهيس، جنهن جو تصور نه ڪيو هو پر سچ سان گڏ جبل جيان بيٺو رهيس، عوام جو امتحان باقي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.