فٽبال جي ليجنڊري اسٽار ڪرسٽيانو رونالڊو جونيئر پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلڻ لاءِ تيار آهي.
انسٽاگرام پرتگالي فٽبالر، ڪرسٽيانو رونالڊو جونيئر سان گڏ وڊيو پوسٽ ڪئي.
View this post on Instagram
ڄاڻايل وڊيو ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو پنهنجي پٽ کي فري ڪِڪ اسٽائيل جي سکيا ڏيندي نظر اچي رهيو آهي، رونالڊو پنهنجي پٽ لاءِ پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته “ ڪرس، ڏسو ۽ سکو“ .
ليجنڊري فٽبالر اِها وڊيو ۾ پنهنجي پٽ جي هڪ وائرل وڊيو جي جواب ۾ رڪارڊ ڪئي آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي ڪرسٽيانو رونالڊو نالي فين پيج هڪ وديو شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ رونالڊو جونيئر کي پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلندڙ ڏسي سگهجي ٿو.
Cristiano Ronaldo is literally creating another beast for the football world 💀🤯
— CristianoXtra (@CristianoXtra_) January 8, 2024
وائرل وڊيو ۾ رونالڊو جونيئر پنهنجي پيءَ جيان فٽبال جي مهارت جو مظاهرو ڪري رهيو آهي.