اسلام آباد هاءِ ڪورٽ: گم ٿيل بلوچ شاگردن جي آزادي لاءِ 13 فيبروري تائين مهلت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل بلوچ شاگردن جي آزادي لاءِ وفاقي حڪومت کي 13 فيبروري جي ڊيڊ لائن ڏئي ڇڏي.
جسٽس محسن اختر ڪياني گم ٿيل بلوچ شاگردن جي ڪيس تي ٻڌڻي جو لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ عدالت وفاق کان ايندڙ ٻڌڻي تي سمورا مسنگ پرسنز گهر پهچڻ جي حتمي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
حڪم نامي ۾ عدالت چيو ته بلوچ مسنگ اسٽوڊنٽس جي آزادي لاءِ عدالتي مهلت ۾ 13 فيبروري تائين واڌ ڪئي وڃي ٿي، وزيراعظم، گهرو ۽ بچاءَ واري سيڪريٽري ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سربراهن کان في الحال حلفي بيان نه پيا وٺون، گم ٿيل ماڻهو آزاد نه ٿيا ته اهي حلفي بيان ڏيندا ۽ قانون موجب ڪارروائي به ٿيندي.
هاءِ ڪورٽ جي حڪم نامي موجب اٽارني جنرل جبري طور تي گم ٿيل بلوچ شاگردن جي لسٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، عدالت کي ٻڌايو ويو ته 12 بلوچ مسنگ اسٽوڊنٽس جا ڪيس حل طلب آهن، وفاقي حڪومت خاطري ڪرائي ته اڳتي ڪنهن کي اغوا يا جبري طور گم نه ڪيو ويندو، اٽارني جنرل خاطري ڪرائي ته سڀني گم ٿيلن کي هر صورت ۾ آزاد ڪرايو ويندو، جڏهن ته غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيندي.
لکت حڪم نامي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اهي بيان ۽ قدم پاڪستان جي بهتر مستقبل لاءِ هاڪاري اشارا آهن، ان سان انهن بلوچ خاندانن جي داد رسي ٿيندي، جن جا پيارا گم آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.