9 مئي جي جوابدارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور، پوليس جو عدالت وڃڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) 9 مئي سانحي ۾ ملوث ڪيترن ئي نامزد اشتهاري جوابدارن حماد اظهار، مسرت چيما، جمشيد چيما، زبير نيازي، ڪرامت کوکر ۽ ٻين جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا، جنهن تي پوليس عدالت سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي.
اليڪشن ڪميشن 9 مئي جي مرڪزي جوابدارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا، جنهن تي انويسٽيگيشن پوليس دهشتگردي ٽوڙ عدالت سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي.
پوليس ذريعن موجب اشتهاري جوابدار نه عدالت ۾ پيش ٿيا نه جاچ ۾ شامل ٿيا، اشتهارين کي چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ لاءِ اپيل ڪئي ويندي.
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته نامزدگي ڪاغذن جي منظوري کانپوءِ اشتهارين کي ٽڪيٽون به ڏنيون ويون آهن، پي ٽي آءِ اشتهاري ميان اسلم اقبال کي ٽڪيٽ ڏني، غلام محيءُ الدين به چونڊ وڙهندو، پي ٽي آءِ اشتهاري ڪرامت کوکر کي به ٽڪيٽ ڏني آهي.
پوليس ذريعن موجب 9 مئي جي سنگين ڪيسن ۾ اشتهارين جو چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ قانون خلاف آهي، عدالت کي درخواست ڪنداسين ته نامزدگي ڪاغذن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن کي حڪم جاري ڪري، اليڪشن ڪميشن رولز ۾ اشتهاري جو چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ جو ڪو ضابطو موجود ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.